شوداساڻي، هري

شوداساڻي، هري

هري شوداساڻي

هري شوداساڻي : ڀارت جي فلم انڊسٽري جي نامور سنڌي اداڪار هري شوداساڻيءَ 1913ع ڌاري حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس خاندان پڙهيل لکيل گهراڻو هو، جنهن کي اسٽيج ۽ موسيقي سان گهڻو لڳاءُ هو. هي اسڪول واري دور کان ٻين شاگردن سان گڏ اسٽيج پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. جنهن ڪري انهي فن جي حوالي سان شاگردن ۾ سندس خاص سڃاڻپ هئي. پاڻ شروعاتي دور ۾ آسام جي هڪ چانهه جي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، پر اتي سندس دل نه لڳي ۽ واپس حيدرآباد موٽي آيو. ان وقت خاموش فلمن جو دور هو، ٿيٽر آهستي آهستي ختم ٿي رهيو هو ۽ سئنيمائون وجود ۾ اچي رهيون هيون. هي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق سبب پاڻي جي جهاز ذريعي بمبئي پهتو. جتي هن جي ملاقات وڏن فنڪارن، موسيقارن ۽ شاعرن سان ٿي. جن مان ڪيترن ئي سندس شوق محسوس ڪندي کيس اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو. 1931ع ڌاري ڳالهائيندڙ فلمن جو دور شروع ٿيو ۽ فلمي ڪمپنين پنهنجا پروڊڪشن هائوس قائم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا پر اداڪار پرٿوي راج جو ٿيٽر اڃا ڪم ڪري رهيو هو. جتي هن آڊيشن ڏني ۽ ڪامياب ٿيو. هن پنهنجي فلمي سفر جو آغاز 1932ع کان ڪيو. ڪجهه سالن جي محنت کان پوءِ 1935 ڌاري سندس ٽي فلمون ’ڀارت ڪي بيٽي‘، ’ڌرم ڪي ديوي‘ ۽ ’ياسمين‘ رليز ٿي سئنيما گهرن ۾ پيش ٿيون. جيڪي ڏاڍيون مقبول ٿيون. جڏهن 1942ع ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ ٺاهي رهيو هو، تڏهن سنڌي ٻولي ۾ فلمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن بغير معاوضي انهي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچي پهرين سنڌي فلم ۾ ڪردار ادا ڪيو. 1958ع ۾ جڏهن سنڌي فلم ‘اباڻا ’ ٺهي، ته ان جي تياريءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. انهي فلم ۾ سندس ڀائٽيءَ ساڌنا پڻ ساڻس گڏ ڪم ڪيو. هن 1934ع کان 1980ع تائين 60 کان وڌيڪ سنڌي توڙي اردو فلمن ۾ ڪم ڪيو. کيس بهترين اداڪاري سبب پاڪستان ۽ ڀارت کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به گهڻو پسند ڪيو ويو. سندس ڌيءَ ببيتا به مقبول فلمي هيروئن رهي. سندس ڏوهٽيون ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جون مشهور اداڪارائون آهن.


لفظ هري شوداساڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو